ڪرينا جو ”پريگنينسي بائبل“ اميزون جي بيسٽ سيلر لسٽ ۾ شامل

0
192

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪرينا ڪپور جو ڪتاب ”پريگنينسي بائبل“ شايع ٿيڻ کان اڳ ئي مقبول ٿي ويو.ڪرينا ڪپور انسٽاگرام تي پنهنجي ڪتاب جي حوالي سان هڪ پوسٽر شيئر ڪري پنهنجي مداحن کي ان خوشخبري کان آگاهه ڪيو.هن پنهنجو ڪتاب ”پريگنينسي بائبل“ اميزون جي بيسٽ سيلر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي مداحن جي محبت جا ٿورا پڻ مڃيا.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي ٻڌايو هو ته مان تمام جلد پنهنجو ڪتاب شايع ڪرائڻ واري آهيان.ڪرينا ڪپور موجب ان ۾ حمل دوران محسوس ڪيل احساس قلمبند ڪيا آهن، حمل ۽ ڪتاب لکڻ، ٻئي مون لاءِ دلچسپ سفر رهيا.