والد جي ٻي شادي بعد ذهني مريض ٿي وئي ھيس:جينان حسين

0
248

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا جينان حسين والد جي ٻي شادي بعد پنھنجي زندگي تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آھي، جينان حسين ھڪ ويب چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو تھ منھنجي عمر تقريبن 12 سال ھئي تڏھن والد ٻي شادي ڪئي، مان ھُن جي تمام گھڻو ويجھو ھيس، ان جي ڪري گھڻو متاثر ٿيس، شادي بعد شيون بگڙڻ شروع ٿي ويون ۽ ھو اسان کي ڇڏي ھليو ويو، زندگي ۾ ايندڙ سموريون عورتون سٺيون ناھن ھونديون، جينان انڪشاف ڪيو ته والد جي وڃڻ بعد سخت پريشان ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس ۽ اڃان تائين آھيان، ھاڻ پاڻ کي سنڀالڻ جا طريقا اچي ويا آھن، ننڍي ھيس ته والدا ڊاڪٽر وٽ به وٺي وئي ھئي، ھن چيو ته زندگي ۾ جڏھن به ڪو خراب ٿئي ته فوري اھو سڀ ڪجھ ياد اچي وڃي ٿو.