هالا (ن پ ا) هالا ۾ گهر مان عورت جو لاش هٿ، گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. هالا جي ريلوي ڪالوني ۾ 8 ٻارن جي ماءُ حيات ڀٽي جو سندس گهر مان گهٽا ڏنل لاش ملڻ جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ جاءِ واقعي تي موجود مقتول جي وڏي پٽ شاهد ڀٽي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل رات اسان جي گهر ۾ احسان رند نالي همراهه رات ترسيل هو جنهن ڪري اسان پنهنجين ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ٻئي گهر ۾ هئاسين، صبح جو گهر پهچڻ تي ماءُ جو گهٽا ڏنل لاش مليو ۽ گهر جو سمورو سامان وکريل پيل هو. هن ٻڌايو ته مهمان ٿي آيل جوابدار سندن ماءُ کي مارڻ بعد سندن گهر ۾ پيل اڍائي لک رپيا ڪيش، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿيل هو. هن ٻڌايو ته فرار جوابدار سندن گهر ايندو ويندو رهندو هو، مٿس مڪمل اعتبار هوندو هو پر هن سندس ماءُ کي صرف رقم، سونا زيور چورائڻ لاءِ ئي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ڄاڻايل واقعي واري هنڌ نشي آور شيون پڻ پيل هيون. هالا پوليس واقعي جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچندي معائنو ڪندي اتي موجود گهرڀاتين سميت پاڙي وارن جا بيان وٺندي مقتولا عورت جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال هالا پهچايو، جتي موجود ليڊي ڊاڪٽرياڻين عورت جو موت گهٽا ڏيڻ سبب ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پوليس ميڊيڪل ٿيڻ بعد مقتولا جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو. هالا ٿاڻي جي ايس ايچ او پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڄاڻايل واقعي متعلق سموريون شاهديون، گهرڀاتين، پاڙيوارن جا بيان، موبائيل رڪارڊنگ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، انشاءِ الله ڄاڻايل واقعي ۾ ملوث حقيقي جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪري عوام آڏو حقيقت کي سامهون ظاهر ڪيو ويندو.