حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي فيز ٽو واري علائقي ۾ نينگر کي تشدد کان روڪڻ تي بااثر ماڻهن مبينا طور عورت تي تشدد ڪري سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، متاثر عورت مٺان زال قمر الزمان سهتو جو چوڻ آهي ته سندس پاڙيسرين معصوم پٽ قاسم علي سهتو کي گهٽي ۾ بيهڻ تان تشدد جو نشانو بڻايو جن کي پٽ تي تشدد کان روڪيو ته الطاف چانڊيو، مختيار، قربان، رياض ۽ فرضو نالي ماڻهن مون مٿان تشدد ڪيو ۽ گهٽي ۾ وارن کان جهلي گهلڻ بعد ڪپڙا به ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. عورت چيو ته هو سرندي وارن جي گهرن ۾ ٿانوَ ٻهارو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندي رهي ٿي ته جيئن شام جو گهر واپس پهتي ته گهٽي ۾ بيٺل سندس پٽ تي ڄاڻايل ماڻهن بيگناهه تشدد ڪيو جنهن تان روڪڻ تي کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. متاثر عورت واقعي خلاف نسيم نگر ٿاڻي پهچي بااثر ماڻهن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ته پوليس الزام هيٺ آيل ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بدران عورت کي بااثر ماڻهن سان ٺاهه ڪرڻ جو چئي واپس روانو ڪري ڇڏيو. مٺان سهتو ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيگناهه پٽ سميت تشدد جو نشانو بڻائي تذليل ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.