سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ ويجهو يوسي جهانگارا جي ڳوٺ چنگهاڻي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو. 50 ورھين جو پ گهٽا ڏئي قتل، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل. سيوهڻ ويجهو يوسي جهانگارا جي ڳوٺ چنگهاڻي ۾ معمولي ڳالهه تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ جوابدارن 50 سالن جي سچل ولد گيلو خان رند کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارثن جهانگارا پوليس سان گڏ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آندو جتي مقتول جي پٽ دوست علي رند ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو ۽ منهنجي والد جوابدار غلام قادر رند، رفيق ۽ الابخش رند کي منٿون ڪيون ته ٻارن جي ڳالهه آهي درگذر ڪيو پر ھنن حملو ڪري بابا کي گهٽا ڏئي ۽ لتون مڪون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته اسان جھانگارا ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس به داخل ڪرايو آھي. ٻئي طرف جهانگارا پوليس موجب ته جهيڙو ٻارن جي ڳالهه تان ٿيو آھي ۽ مقتول جي وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا.