لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي جي ھدايتن تي آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پهچي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق احمد ڪلوڙ سميت ٻين عملدارن سان ملاقات ڪري جيل جي صورتحال بابت ڄاڻ ورتي. هوڏانهن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ٽن ڏينهن تائين قيدين ۽ جيل انتظاميا وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندڙ قيدي موسيٰ لانگاهه کي جيل انتظاميا سخت پوليس پهري هيٺ سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو. جڏهن ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جيل وارڊن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کان جواب ڏنو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سينٽرل جيل جو ماحول خراب ڪندڙ قيدين خلاف آپريشن لاءِ آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ سان ملاقات ڪري کانئس مدد طلب ڪري ورتي آهي. جنهن تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کيس ڀرپور سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي آهي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ موجود هئا.