ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پورهيت فوت، هڪ زخمي. رپورٽ موجب گيٽ ڀرسان نامعلوم ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ڳوٺ حبيب ساند واسي منظور ولد الهڏنو بهڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اڏيرو لعل واسي افضل راجپوت سخت زخمي ٿي پيو، حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.