حيدرآباد (رپورٽر) هالا ويجهو ڇڄڙا برادري جي معززن جي گڏجاڻي، هدايت الله خان ڇڄڙو کي برادري جو پڳدار چونڊيو ويو، 22 جنوري تي مرڪزي ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو، خبر موجب هالا ويجهو ڳوٺ گاهي خان ڇڄڙو ۾ ڇڄڙا برادري جي معززن جي گڏجاڻي ڊاڪٽر محمد يونس ڇڄڙو جي ميزباني هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان هدايت الله خان ڇڄڙو کي برادري جو پڳدار چونڊيو ويو، گڏجاڻي ۾ سنڌ ڇڄڙا اتحاد جي سينٽرل ايگزڪيٽو ڪاميٽي ۽ ايڊوائيزري ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، جيڪا اتحاد جا ٻيا عهديدار چونڊيندي، ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 22 جنوري تي آچر ڏينهن ڇڄڙا برادري جو مرڪزي ڪنوينشن ميهڙ ويجهو ڳوٺ شاهه پنجو سلطان ۾ نئين چونڊيل پڳدار هدايت الله خان ڇڄڙو جي سربراهي هيٺ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ ڇڄڙا برادري جا ماڻهو شريڪ ٿيندا.