هالا (ن پ ا) هالا ۾ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان چور پڪڙجي پيو، ميربحر گهٽي ۾ دڪاندار عزيز اختر ميمڻ جي گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو داخل ٿيندڙ چور کي گهر ۽ دڪان ٻاهران لڳل سي سي تي وي ڪيميره جي مدد سان پڪڙيو ويو، جنهن بعد پوليس کي ھرائي چور کي پڪڙي سخت ڪٽڪو ڏئي کيس هالا پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف هالا پوليس پڪڙيل چوروٽان چورايل رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪندي سندس نالو سجاد ولد عاشق ملاح ٻڌايو آهي. پوليس ٻڌايو ته پڪڙيل چور جا ٻيا ساٿي پڻ چورين جي وارداتن لاءِ شهر ۾ لٿل آهن، جن کي پڻ تمام جلد گرفتارڪندي مٿن ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏياري ويندي.