قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي رھواسي پورھيت حسين بخش جتوئي زال سسئي سميت ڀائرن جي مبينا ظلم ۽ وڳڻ پوليس جي ناانصافين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، پورهيت چيو ته سندس ڀائر مرتضيٰ جتوئي، غلام عباس ۽ ڀائٽيو غلام ڪبر جتوئي ناني نبي بخش طرفان مليل 5 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، هن مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.