خيرپور (رپورٽر) خيرپور جو سينئر صحافي جان محمد مغل ڪاري ڪامڻ جي مرض سبب سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سينئر صحافي جان محمد مغل ڪيتري ئي عرصي کان ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ مبتلا هو، سول اسپتال خيرپور ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. صحافي جان محمد مغل جي وفات جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ خيرپور جي صحافين ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي جڏهن ته ڪيترائي صحافي سول اسپتال خيرپور پهچي ويا. بعد ۾ مرحوم جي جنازي نماز شيعه عيد گاهَه ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن سينئر صحافي جان محمد مغل جي وفات تي پريس ڪلب خيرپور ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.