واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي لڳ معصوم شاهه جي رهواسين ٻوڏ جي تباهي تباهي بعد مالي سهائتا نه ٿيڻ تي متاثرن ڦوٽو لغاري ارشاد لغاري وسيم لنڊ پيرل شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو آهي ته ٻوڏ کي ڏھ مھينا گذري چڪا آهن پر هيئر تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. سماجي تنظيم ٿرديپ پاران متاثرن لاءِ سامان به بااثرن کي ڏياري هٿ وٺي نظرانداز ڪيو ويو آهي، رشوت عيوض بااثرن جا سوين نالا لکي انهن جي مالي مدد ڪئي وئي، جڏهن ته اصلي مستحق هڪ سال پورو ٿيڻ باوجود کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ٿرديپ پاران اهڙي ڪرپشن ڪري مستحقن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن ڊي سي دادو ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪرپشن ڪندڙ سماجي ٿرديپ خلاف فوري نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري متاثرن جي ممڪن سھائتا ڪئي وڃي.