هالا (ن پ ا) هالا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گئس ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش خلاف عوامي اتحاد جي اڳواڻ سيد منور شاهه، مصري خان انڙ، رئيس عبدالله، سماجي اڳواڻ آصف عثمان، زبير ميمڻ، عامر رضا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته هالا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ حيسڪو پاران روزانو بجلي ۽ گيس جي اڻ اعلانيل بندش ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب شهرين جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، جنهن سبب هڪ طرف ٻارن کي صبح جو ناشتو ۽ ڏينهن جي ماني به نٿي ملي سگهي، ٻئي طرف ڏينهن ۽ رات ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، جنهن سبب ڪاروبار معطل ٿي ويو آهي، خاص طور تي شهر ۾ بجلي جي کوٽ سبب رات دير سان چوري جون وارداتون ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته حيسڪو طرفان مرمتي رقم ملڻ باوجود لکين شهرين ۽ ڳوٺاڻن کان بجلي جي خراب ٿيل ٽرانسفارمرن جي مرمت لاءِ ايس ڊي او ۽ ان جي عملو هزارين رپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن. اتحادي اڳواڻن وفاقي بجلي واري وزير، واپڊا چيئرمين، حيسڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو، سوئي صدران گيس ڪمپني جي جنرل مئنيجر ۽ ٻين اختيارين کان فوري نوٽيس وٺندي ڪرپٽ آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.