جيڪب آباد (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام پاران جواءِ لينڊ فلم، تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ ۽ وياجي نظام جي مڪمل خاتمي لاءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، اسدالله حيدري ۽ تاج امروٽي جي اڳواڻي ۾ مدرسه تاج العلوما مان جلوس ڪڍي امروٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته جواءِ لينڊ فلم ٽرانسجينڊر جي مترادف آهي، جنهن سان مخنصن جا بنيادي ۽ صحيح حق صلب ٿين ٿا، هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي، جنهن سان شاگردن کي تعليم بجاءِ بي راھ روي طرف ڌڪيو ويندو، وفاقي حڪومت پاران وياج جي نظام جي خاتمي جو اعلان خوش آئند آهي، ڇاڪاڻ ته وياج نظام جي ڪري سرمايو صرف سرمائيدارن جي چوڌاري ڦري ٿو، جڏهن ته ان جي خاتمي سان معيشيت بھتر ۽ خوشحالي ايندي.