ٺٽو ( رپورٽر ) جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي جي مک گرلس هاءِ اسڪول جي پلاٽ تي ڪيل مبينا قبضي خلاف اسڪولي شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين پيرنٽس ايڪش ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ولي جاکرو ، گهنور خان زئور ، حافظ عباسي ، رشيد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري مظاهري ڪندڙ اسڪولي شاگردن ۽ پيرنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان اسڪولي پلاٽ تي ڄاڻايل مبينا قبضي خلاف اي ڊي سي ون جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي مامري جي انڪوائري ڪراڻ جي خاطري ڪرائي جڏهن ته اسڪولي شاگردياڻين ۽ والدين پاران ڊي سي جي خاطري بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري شاگردياڻيون ٻيهر اسڪول روانو ٿي ويون .