مٽياري / هالا (نمائندن وٽان) ھالا ويجھو ڀاڻوٺ روڊ تي ٽريڪٽر جو ٽائر نڪري وڃڻ سبب  موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر وچ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ خداآباد واسي 2 عورتون مسمات بيبل چانڊيو ۽ بشيران چانڊيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار مشتاق چانڊيو ۽ ھڪ واٽھڙو ڪڪو ڏاھري سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتي عورتن جي لاشن کي تعلقه اسپتال ھالا آندو ويو جتان زخمي ٻن ڄڻن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جڏهن فوتي عورتن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.