دادو ( رپورٽر ) هراسمنٽ ۽ تشدد جو نشانو بڻايل ميڊيڪل جي شاگردياڻي پروين رند پاران مسلسل 7 ڏينهن کان پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويهڻ کان پوء پريس ڪلب کان ايس پي آفيس تائين پيرين اگهاڙي مارچ ڪري پهتي، جتي ڊي ايس پي جوهي بشير لاکير ۽ پروين رند جي چاچي علي نواز رند جي وچ منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون، ڊي ايس پي دادو عبدالخالق وڳڻ پهچي پروين رند سان ڳالهيون ڪيون پر پروين رند پاران گهر تي حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي شرط تي ڳالهيون ڪرڻ جو چئي مسلسل 5 ڪلاڪن تائين ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن دوران سخت ٿڌ دوران اوچتو پروين رند جي حالت خراب ٿي وئي ، کيس نيم بيهوشي واري حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي کيس طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو آهي ، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب پروين کي ٿڌ لڳڻ سان گڏ سندس بلڊپريشر لو ٿي ويو آهي، پروين رند جو چوڻ آهي ته منهنجي گهر تي حملو ڪندڙ ملوث ماڻهن جي  نشاندهي ڪئي ان جي باوجود کين نه گرفتار ڪيو ٿو وڃي نه ئي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو ، 7 ڏينهن بک هڙتال تي ويٺل آهيا پوء به دادو پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.  وومين ايس ايڇ او بينظير جمالي جي هٿياربندن کي پٺ ڀرائي حاصل آهي ان ڪري انهن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي.