شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ويگو ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ڏاڏو ۽ نوجوان پوٽو فوت، خبر موجب سانگهڙ روڊ تي سنجهورو ٿاڻي جي حد ميتلا اسٽاپ وٽ ويگو ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ڪريم ڏنو وساڻ واسي 70 ورهين جو عثمان لغاري ۽ سندس پوٽو 18 ورهين جو بابر لغاري چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتي ڏاڏو پوٽي جا لاش سِمس اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، وارثن موجب پيرسن پنهنجي پوٽي سان گڏ ڳوٺ کان شھدادپور شھر طرف اچي رهيا هئا ته سامهون کان ايندڙ ويگو گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ سبب ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻنهي فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن پوليس موٽر سائيڪل ۽ ويگو گاڏي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.