سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ نمائش گرائونڊ ۽ غازي عبدالرشيد پارڪ جي حوالي سان داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ ھيلٿ نمائش گرائونڊ مان پاڻي ڪڍڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته گرائونڊ مان پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ھلندڙ آھي گھڻو پاڻي نڪري چڪو آھي رھيل پاڻي جلد صاف ڪيو ويندو، ساڳي ڪيس ۾ غازي عبدالرشيد پارڪ سميت ٻين معامرن جي اڳڀرائي رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وئي، جنھن تي عدالت حڪم ڏنو ته نمائش گرائونڊ مان گندو پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ ھن گرائونڊ ۾ مٽي وجھي راند کيڏڻ جي لائق بڻايو وڃي، جنهن بعد عدالت ھن ڪيس جي ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.