ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) ڇاپي دوران پوليس پارٽي تي حملي ڪيس ۾ دھشگردي جي انت واري عدالت ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، گرفتار، جيل حوالي، ان ڏس ۾ 8 مھينا اڳ محمود آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران گھر تي ڇاپي دوران علائقي واسين پوليس اھلڪارن تي حملو کين زخمي ڪري ڇڏيو ھو، جنھن بعد اسٽيٽ جي فرياد تي ٻڍو ڪيريو، منظر علي، خمون، منور سميت 10 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف اي ٽي سي قلمن تحت ڪيس داخل ھو، جنهن ڪيس ۾ جوابدار ٻڍو ڪيريو ۽ منظر ملاح عبوري ضمانت تي آزاد ھئا، جن جي پڪي ضمانت تي ٻڌڻي دوران عدالت ٻنھي جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي، پوليس کين گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو.