ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سينٽرل جي عدالت تازو مسلمان ٿي پرڻو ڪندڙ ناري آرزو فاطمه جي حوالگي بابت سندس والد پاران داخل ڪيل درخواست تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. آرزو فاطمه جي والد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته آرزو کي شيلٽر هوم ۾ رکيو ويو آهي، جتي اسان کي ملڻ به نٿو ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته آزرو کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه کي شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو.