سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آفيسرز کي پوسٽنگ نه ڏيڻ جو حڪم

0
305
سنڌ ۾ مزدور جِي گهٽ ۾ گهٽ
Sindh High Court Bahria Town Karachi FIR

ڪراچي (رپورٽر) سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪرپشن ڪيسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ آفيسرز کي پوسٽنگ نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري کي ثقافت کاتي جا مامرا ڏسڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪرپٽ آفيسرز کي هٽائڻ لاءِ درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب ريفرنس سوڌو ٻيون ڪارروايون مڪمل ٿيڻ تائين لاڳاپيل آفيسرز کي ڪوبه عهدو نه ڏنو وڃي، جِن آفيسرز خلاف ڪيس التوا جو شڪار آهن، اُنهن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، چيف سيڪريٽري کي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.