ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ  پگهار25 هزار مقررڪرڻ خلاف داخل درخواست تي صنعتڪارن ۽ مزدور اڳواڻن جي ڪنهن هڪ فارمولي تي  متفق نه ٿيڻ سبب صنعتن جي اصل مالڪن ۽ ڪانٽريڪٽرز ( ٺيڪيدارن ) جي لسٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه  مختلف صنعتي ادارن پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان نٿا چاهيون ته صنعتون متاثر ٿين پر اسان مزدورن کي به بي يارو مددگار ڇڏي نٿا سگهون، هن وڌيڪ چيو ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا ۾ به پورهيت جي ماهوار  پگهار 20 هزار پاڪستاني  رپيا آهي، اتي مزدور ڇو مطمئن آهن؟ جنهن تي مزدورن جي نمائندي چيو ته اتي پورهيتن کي پگهارن سان گڏ رهائش، علاج ، يوٽيلٽي سروسز ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻيا ڪيترائي فائدا آهن، پاڪستان ۾ انهي جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي تعين ۽ ان تي عملدرآمد جو ميڪنزم تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن مقرر ڪئي وڃي؟  ٻڌڻي دوران پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ 19 هزار پگهار جو عبوري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي تاريخ تي به ڌرين اختلاف واري ڇڏيا، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ايم اي ايجوڪيشن جي ڊگري رکندڙ آفيسر پورهيتن بابت ڪهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿو؟ جيڪو آفيسر ڪورم باوجود صنعتڪارن جي نمائندن جي غير موجودگي سبب اجلاس ملتوي ڪري ڇڏي، اهو ڇا ڪري سگهي ٿو؟ سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ويج بورڊ جي مستقل چيئرمين جي مقرري لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن دوران مزدورن اعتراض واريندي چيو ته سمورا درخواستگذار صنعتڪار ناهن، اهي ٿرڊ پارٽي ڪانٽريڪٽر آهن، جنهن تي عدالت اصل ملز مالڪن ۽ ڪانٽريڪٽرن جي لسٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.