حيات پتافي (ن پ ا)حيات پتافي ۾ قديمي  قبرستان جي چئوديواري نه ھُجڻ ڪري ڪُتن قبرن مٿان ديرا ڄمائي  ڇڏيا. گذريل ڏينھن ڪُتن ننڍي  ٻار کي لاش قبر مان ڪڍي ڇڏيو. تفصيل موجب حيات پتافيءَ ڀرسان قديمي قبرستان شتڙو شھيد کي چوديواري نه ھُجڻ ڪري رولو ڪتن قبرن مٿان ديرا ڄمائي ورتا آهن ۽ قبرستان جهنگلي جانورن جو آماجگاهه بڻجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ علائقي واسين ٻڌايو ته اه  صبح جو قبرستان ۾ ويا ته ننڍي ٻار جي قبر کوٽيل نظر آئي. قبر وٽ ڪتن جي پيرن جا نشان پڻ موجود هئا.  ڳوٺاڻن امير بخش،  ٻانهو  ۽ ٻين جوچوڻ ھو ته رولو ڪتن قبرستان اندر ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن، اتي پنھنجن عزيزن وٽ قل پڙھڻ لاء ايندڙ ماڻھن تي رولو ڪتن جا حملا پڻ معمول بڻيل آھي. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شتڙو شھيد قبرستان کي جلد چوديواري ڏياري قبرن کي بي حُرمتي کان بچايو وڃي.