ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ دڪان تي ڪن ڪندڙ مدرسي جي ٻن کٿابين سان دڪان مالڪ  جي مبينا بدفعلي، الزام ھيٺ آيل جوابدار خلاف ڪيس داخل، متاثر ٻارڙن جو ميڊيڪل ڪرايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. خبر موجب شهر جي ڊولڻ آباد واري علائقي ۾ مدرسي جي ٻن معصوم کٿابين 11 سالن جي صفيان ۽ 12 سالن جي مزمل شيخ کي جوابدار نعمان مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو، ٻارن جي شڪايت تي غريب آباد ٿاڻي تي الزام ھيٺ آيل جوابدار نعمان خلاف بدفعلي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي غريب آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته  متاثر ٻار مدرسي ۾ پڙھڻ بعد مدرسي لڳ نعمان جي ڪتابن جي دڪان تي ڪم ڪندا هئا، جتي قطب خاني جي مالڪ ٻنهي ٻارن سان بدفعلي جو نشانو بڻايو، پوليس موجب ٻارن جو ميڊيڪل ڪرايو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.