ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي ۾ عدالتي حڪم تحت 18هين ۽ 19هين گريڊ جي ڪامورن ۽ پروفيسرن کان مٿين گريڊ وارا عهدا واپس، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾  ڊائريڪٽرن جي عهدن تي او پي ايس تي ويٺل ڪامورن کي اصل عهدن ڏانهن اماڻيو ويو، ملير، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊي اي اوز جي عهدن تي ويٺل هيٺين گريڊ جي ڪامورن کي به عهدن تان هٽايو ويو. ان ڏس ۾  جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي اِي او (پرائمري) سينٽرل تحسين فاطمه کان ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن، 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد شمس الدين دل کان 20هين گريڊ جي ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد، ڊي اِي او پرائمري سائوٿ صبا محمود کان ڊائريڪٽر لٽرسي نان فارمل ايجوڪيشن جو 20هين وارو عهدو، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقصود قريشي کان ڊائريڪٽر پرائمري لاڙڪاڻي جي 20هين گريڊ واري پوسٽ، ڊائريڪٽر (ايڇ آر) آفتاب شيخ کان ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪراچي جي اضافي ذميواري ۽ 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊي اِي او مشتاق ميمڻ کان ڊي اِي او ملير جي 19هين گريڊ واري پوسٽ واپس ڪئي وئي آهي، 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊي اِي او نظام الدين خدائي کي ڊي اِي او جي 19هين گريڊ واري پوسٽ مليل هئي، 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊي اِي او شهيد بينظير آباد قربان علي راهو کي ڊي اِي او شهيد بينظير آباد ۽ 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊي اِي او نوشهروفيروز ممتاز علي شاھ کي ڊي اِي او نوشهروفيروز جي 19هين گريڊ واري پوسٽ مليل هئي، جيڪا واپس ڪري کين اصل عهدن تي موڪليو ويو آهي. عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڊي اِي او دوارڪو  کان مٿين گريڊ واري ڊي اِي او عمرڪوٽ جي اضافي چارج،  18هين گريڊ اسسٽنٽ پروفيسر نظام الدين ٻرڙو کان گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ٺل جي پرنسپال جي اضافي ذميواري، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڊي اِي او ايليمينٽري ۽ سيڪنڊري انيس جلباڻي کان ڊي اِي او جي اضافي ذميواري به واپس ورتي وئي آهي. مٽياري جي ڊپٽي ڊي اِي او اقبال ميمڻ کان ڊي اِي او مٽياري، عبدالحمد ڏاهري  کان بوائز هائر سيڪنڊري شاهپور چاڪر جي پرنسپال،  خورشيد بيگم ناريجو کان گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ميهڙ جي پرنسپال، ڊپٽي ڊي اِي او شڪارپور سيد محمد شاھ کان هاءِ اسڪول شڪارپور جي هيڊ ماستر، ڊپٽي ڊي اِي او شڪارپور نسرين ميمڻ کان گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي فتح محمد جي پرنسپال ۽ ڊپٽي ڊي اِي او عمرڪوٽ بلاول کان ڊي اِي او سيميز اينڊ پلاننگ جي اضافي چارج واپس ڪئي وئي.