حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) حيدرآباد جي گجراتي پاڙي مان هڪ ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 6 ورهين جي نينگري جو لاش مليو. علائقي واسين گٽر واري کڏ ۾ لاش ڏسي  پوليس کي اطلاع ڏنو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ 6 ورهين جي ڪنيزه ڌيءُ شوڪت ميواتي طور ٿي آهي جيڪا 12 سيپٽمبر تي شام جو گهر ٻاهران راند ڪندي پراسرار نموني گم ٿي هئي. نينگري جي چاچي آصف ميواتي جو چوڻ آهي ته سندس ڀائٽي هڪ ڏينهن اڳ گهر ٻاهران علائقي جي ٻارن سان راند پئي ڪئي جتان هو پراسرار نموني گم ٿي. سندس گمشدگي جو اطلاع ڏيندي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، جڏهن ته صبح جو به انهن گهر ٻاهران گٽر نالن توڙي سيوريج جي پاڻي لاءِ قائم کڏ ڀرسان به ڀائٽي جي جاچ ڪئي پر انهن کي ڪٿان به هٿ نه اچي سگهي. هن چيو ته 4 وڳي ڌاري گهٽي ۾ رهندڙ هڪ شخص ٻار جو هٿ ٻاهر ڏسي پاڙي جي ماڻهن کي اطلاع ڏنو ، لاش جي سڃاڻپ ڪري ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي وڏي منشي رجب خاصخيلي ٻڌايو ته نينگري جو لاش بنا قميص جي هٿ آيو آهي جڏهن ته نينگري کي گم ٿئي 22 ڪلاڪ جو عرصو گذري ويو هو پر لاش کي ڏسي اندازو پيو ٿئي ته ڄاڻايل لاش ڪجهه ڪلاڪ اڳ جو پئي لڳو. وڏي منشي موجب وارثن اڃا تائين ڪنهن به خدشي جو اظهار نه ڪيو آهي ان ڪري هو في الحال معاملي بابت ڪجهه نٿا چئي سگهن پر ليڊي ايم ايل او پاران جاري ابتدائي رپورٽ ۾ واضح طور خبر پوندي ته نينگري جو موت ڪئين ٿيو آهي ۽ سندس جسم تي جيڪڏهن تشدد يا ٻئي ڪنهن عمل جا نشان نظر آيا ته ان بابت به ليڊي ايم ايل او ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهندي. پوليس نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي گجراتي پاڙي کڻائي ويا. گجراتي پاڙي ۾ نينگري جو لاش گهر پهچڻ بعد ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ واري فضا ڇائنجي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري جو والد پورهيت آهي جيڪو نينگري جي گم ٿيڻ واري وقت به مزدوري تي ويل هو جڏهن ته نينگري جو جنهن وقت لاش هٿ آيو ان وقت به هو ٻارن جي 2 ويلا ماني ڳڀي لاءِ مزدوري تي ويل هو. رابطو ڪرڻ تي سول اسپتال جي ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر صنوبر ٻڌايو ته نينگري جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي. سندس جسم تي تشدد جو ڪو به واضح نشان نظر نه آهي. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو نينگري گندي پاڻي جي کڏ ڀرسان راند دوران ڪري ٻڏي فوت ٿي هجي.