لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ دوري نيڌرلينڊ ۽ ايشيا ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ شامل نيڌرلينڊ خلاف ٽن ميچن لاءِ 16 رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايشيا ڪپ لاءِ 15 رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نيڌرلينڊ اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابراعظم، شاداب خان نائب ڪپتان، عبدالله شفيق، فخر زمان، حارث رئوف، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حارث، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زاهد محمود شامل آهن. جڏهن ته ايشيا ڪپ لاءِ بابراعظم ڪپتان، شاداب خان نائب ڪپتان، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن. ٻنهي ٽورنامينٽس ۾ حسن علي کي آرام ڏنو ويو آهي.عبدالله شفيق، امام الحق، محمد حارث، سلمان علي آغا ۽ زاهد محمود نيڌرلينڊ خلاف سيريز کيڏڻ بعد واپس وطن اچي ويندا جڏهن ته آصف علي، حيدر علي، افتخار احمد ۽ عثمان قادر گڏيل عرب امارات ۾ ٽيم کي جوائن ڪندا.