ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل پاڪستان جي پسنديده سياستدان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪامران اڪمل کان هڪ انٽرويو دوران سوال ڪيو ويو ته اوهان جو پسنديده سياستدان ڪير آهي؟ جواب ۾ ڪرڪيٽر فورن چيو مان ته آصف علي زرداري صاحب جو مداح ٿي ويو آهيان. قومي ڪرڪيٽر چيو ته مان سچ ٻڌائي رهيو آهيان، مان زرداري جو مداح آهيان، پهريان به هيس پر مان ڏٺو آهي ته هن جهڙا سياستدان گهٽ ئي هوندا آهن. ڪامران اڪمل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن تي واهپيدار دلچسپ تبصرا به ڪري رهيا آهن.