کٽمنڊو(م ڊ) اولهه نيپال ۾ شديد برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ست زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيپال جي اولهندي علائقي ۾ رڪارڊ مينهن وسيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي. لينڊ سلائيڊنگ سبب ڏهه ڄڻا گم ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي.