خيبر (م ڊ) خيبر ضلعي ۾ پاڪ – افغان سرحد ڀرسان دهشتگردن جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد اونداهيءَ جو فائدو وٺي واپس افغان بارڊر ڏانهن فرار ٿي ويا پر انهن جي ٿاڪن مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم داعش سان آهي ۽ انهن جي سڃاڻپ اڪرام الله، مرسلا خان ۽ ارشاد جي نالن سان ٿي آهي.