ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ اينڪر طلعت حسين پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري جا حڪومت کان ڪرڪيٽ گرائونڊ حاصل ڪرڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن پر ان جي شڪل جي سڀني کي خبر آهي فواد چوڌري هڪ ڀيرو وري پنهنجي تربيت جي افسوسناڪ تاريخ جو ثبوت ڏنو ۽ هڪ ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام لڳايو آهي ته مون کي ڪو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نه اهڙو ڪجهه ٿيو آهي نه منهنجي دلچسپي آهي ۽ نه منهنجا اهڙن معاملن سان ڪي واسطا آهن. هن چيو ته الزام لڳائيندڙ جي رتي برابر به ساک ڳا وقعت هجي ها ته آئون ان جي وڌيڪو ضاحت ڪريان ها پر في الحال ايترو ئي ڪافي آهي.