ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ابراهيم حيدري جي چشمه ڳوٺ ويجهو سمنڊ ۾ هوڙي مان 3 مهاڻن جا لاش هٿ، لاشن جي سڃاڻپ ظهير، قادر ۽ ديدار طور ٿي آهي، پوليس موجب ڇنڇر واري رات چشمه ڳوٺ ويجهو سمنڊ ۾ هوڙي مان 3 مهاڻن جا لاش هٿ آيا ابتدائي جاچ موجب ٽنهي جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو، پوليس موجب ٽئي ڄڻا هوڙي جي چيمبر ۾ سمهي رهيا هئا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا،  پوسٽ مارٽم بعد موت جا اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا، هڪ شخص بيهوشي جي حالت ۾ مليو، جنهن جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي،