ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  تازين برساتن جي تباهي بعد سنڌ کي وبائن وڪوڙي ورتو، مليريا ۽ ڊينگي جا هڪ ڏينهن اندر 3010 ڪيس ظاهر، ڊينگي وڌيڪ 2 مريضن کان حياتي کسي اورتي. ان حوالي سان صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ته 24 ڪلاڪن ۾ مليريا جا 2622 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. انگ اکرن موجب حيدرآباد 87، ڄامشورو 116، ڪراچي ۾ 41، ٽنڊو الهيار 41، مٽياري 61، دادو 214، ٺٽي ۾ 274، سجاول 82، بدين 47، سکر 345، خيرپور ۾ 123، گهوٽڪي ۾ 61 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 167 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي،  اهڙي طرح شڪارپور ۾ 100، جيڪب آباد ۾ 54، ڪشمور ۾ 36، قمبر ۾ 47، ميرپورخاص ۾ 203، عمرڪوٽ ۾ 205، ٿرپارڪر ۾ 111، شهيد بينظير آباد ۾ 56، سانگهڙ 29 ۽ نوشهروفيروز ۾ 59 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي طرف صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 388 نوان ڪيس ظاهر، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا،  ڪراچي ۾ خطرناڪ صورتحال، صحت کاتي پاران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا خاص وارڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو آهي،  صحت کاتي جي اختيارين پاران لمس حيدرآباد ۽ ڪراچي جي 13 اسپتالن جي ايم ايس ۽ انتظاميا کي خط لکي هنگامي بنيادن تي ڊينگي جا وارڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران ڊينگي ڪيسن بابت جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر 388 نون ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ ڊينگي جا 324 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق آهي، رپورٽ موجب حيدرآباد م 36، شهيد بينظير آباد ۾ 15 ڪيس ظاهر ٿيا. ٽنڊو الهيار،  ٿرپارڪر ۽ سکر ضلعن ۾ 2-2،  سانگهڙ ضلعي ۾ 3، گهوٽڪي،  لاڙڪاڻي،  ميرپورخاص ۽ بدين ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس سامهون اچي ويو آهي.  جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 2 مريض فوت،  فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي.  صحت کاتي پاران ڪراچي جي سول اسپتال،  سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد، لياري جنرل اسپتال ۽ حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ هنگامي بنيادن تي ڊينگي جا خاص وارڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ڊينگي ج ورڊ قائم ڪيا ويندا.