نيوسعيدآباد (ن پ ا )  شھيد بينظير ڀٽو چوڪ وٽ نيوسعيدآباد واسي 35 ورھين جي  ظھير عرف پاشا ابڙيجو کي جوابدارن سندس موٽرسائيڪل کي روڪي تيز اوزار سان ڳچي تي وار ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا،  زخمي کي  نازڪ حالت ۾ نيوسعيدآباد تعلقا اسپتال آڻي ابتدائي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس اسپتال نئيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، سندس لاش تعلقا اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ياسين پٺاڻ ۽ مقتول جي پاڻ ۾ دوستي هئي، ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي جوابدار پنهنجي دوست ظھير عرف پاشا ابڙيجو کي قتل ڪري ڇڏيو.