لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ست ويسا پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ 6 ٻارن جي ماءُ قتل، واقعي بعد هٿياربند فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد نور ڪالوني ۾ عمراڻي ذات جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن ڌڱاڻو عمراڻي جي گهر تي حملو ڪري گوليون هڻي سندس زال 6 ٻارن جي ماءُ 40 ورهين جي هزاري عمراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربند وقعي بعد فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي پٽ خان محمد عمراڻي ٻڌايو ته اسين اصل رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جا رهواسي آهيون، 8 مهينا اڳ پيل طوفاني برساتن دوران اسان جو پنهنجي ئي ذات جي بااثرن سان پلاٽ جي مالڪي تان تڪرار ٿيو، جنهن ڪري اسان لڏي لاڙڪاڻي رهائش اختيار ڪئي، جنهن کان پوءِ بااثر پلاٽ جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ منهنجي والد ۽ اسان کي مختلف طريقن سان موتمار ڌمڪيون توڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا، ڪالهه بااثرن ديدار عمراڻي، رفيق عمراڻي، ذوالفقار عمراڻي ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري منهنجي امڙ کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.