ڪراچي(م ڊ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءُ فاطمه ڀٽو کي شادي تي سندس سئوٽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي ڌيءُ سسئي ڀٽو مبارڪون ڏنيون آهن. فاطمه ڀٽو جي ٽوئيٽ جنهن ۾ هن پنهنجي گهوٽ گراهم جي نڪاح نامي تي صحيح جي تصوير شيئر ڪئي هئي تي جواب ڏيندي سسئي ڀٽو چيو ته فاطمه توهان کي مبارڪون هجن. ڪافي عرصي کانپوءِ پنهنجو خاندان اهڙي وڏي خوشي ڏسي رهيو آهي. الله تعاليٰ توهان جو نگهبان هجي. آمين. ٻئي طرف فاطمه پاڻ به شادي جا فوٽو شيئر ڪيا آهن.