دادو ( رپورٽر ) ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ۾ ٿي ، ام رباب، پ پ ايم پي اي سردار احمد ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيا ، ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادي پرويز احمد چانڊيو جو رهيل بيان مڪمل ڪيو ويو ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران فريادي کان آڏي پڇا ڪئي وئي ۽ وڌيڪ آڏي پڇا لاءِ ٻي تاريخ ڏيڻ لاء عدالت استدعا ڪئي، عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 11 مئي تي رکي وئي آهي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جي بنياد تي نه پر جاگيرداري نظام خلاف بغاوت ڪندي منهنجي والد پاران تمندار ڪائونسل جوڙڻ تان پيش آيو ، سردار احمد چانڊيو وارن تمندار ڪائونسل جوڙڻ تي منهنجي والد کي ڌمڪيون ڏنيون ، اسان وٽ انهن انهيء جا شاهد موجود آهن ، سردار چانڊيو وارا واقعي کي ذاتي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن ، هن چيو ته سردار چانڊيو وارا شاهدن کي بيان ڏيڻ کان روڪڻ لاء دٻاء وجهي رهيا آهن ۽ شاهدن جي ٻارن تي حملو ڪرايو ويو ، اسان عوامي عدالت ثابت ڪري چڪا آهيون ته سردار احمد چانڊيو وارا منهنجي 3 گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث آهن ، اسان وٽ ثبوت موجود آهن ، اميد آهي ته عدالت ٽرائل مڪمل ڪري جوابدارن کي سزا ڏيندي ، پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي ، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ رشيدار آهن ، ام رباب جو پيء ۽ ڏاڏو قتل ۽ ٻين ڪيس ۾ ملوث هئا ، اسان کي هن ڪيس ۾ ڦاسايو آهي ، اهم ٻڌڻي دوران جوڊيشنل ڪامپليڪس جي ٻاهران غير معمولي سيڪيورٽي جا انتظام ڪندي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪيو ويو.