نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ڀرسان ڳوٺ باگو حاجاڻو ۾ زال مڙس ۾ جهيڙو ٿيڻ تي پاڙي وارن جي ڇڏائڻ تي حاجاڻا برادري جي هڪ ڌر نيوسعيدآباد ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ پهتي ته ٻي ڌر جا ماڻهو به ٿاڻي تي پهچي ويا، ان دوران ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين ۾ وري جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٽن عورتن سميت 10ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات شھزادي، زرينا، حسينا، محبوب علي، علي جان، ظھور علي، عبدالغفور، گل حسن، حبيب ۽ فياض شامل آهن، پوليس وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاري ڇڏيو ۽ ٻنهي ڌرين جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.