ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) جنگشاهي سميت سوين ڳوٺن جي هزارين رهواسين کي ٺٽو جنگشاهي سان ڳنڍيندڙ ي انگريز دور جي تاريخي ڪاري موري پل هيوي ٽرانسپورٽ سبب ڊهي پٽ پئجي وئي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته انگريز دور ۾ ريلوي نظام جي بحالي بعد 1920ع ڌاري ڪاري موري پل تعمير ڪئي وئي هئي، ٺٽي جي وسيع ڪوهستاني علائقن کي جنگشاهي سميت ٺٽو سان ڳنڍيندڙ تاريخي 25 دروازن تي مشتمل ڪاري موري پل انتظاميا جي لاپرواهي سبب هنڌان هنڌان اکڙي ڊهي پٽ پئجي وئي. ڪوهستان جي مختلف ڍورن توڙي جابلو نئين جي پاڻي جي گذر گاھ واري ڪاري موري پل جي ڊهڻ سان مالماڙي، اسحاق کوھ، ڳوٺ ساجن جوکيو، سبز علي بروهي، منگر خان پليجو، حسين پليجو، گلزار پليجو، نواز علي جوکيو، درگاھ جنگشاهي سوڌو 80 کان مٿي ڳوٺن جو ٺٽي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. ٻئي پاسي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي جنگشاهي ۽ ڪوهستان واسين عبدالقادر شيخ ، عبدالرئوف بروهي ، بخت جوکئي مطالبو ڪيو آهي ته ڪاري موري جي متبادل پل وارو هلندڙ ڪم جلد مڪمل ڪرائي ڪوهستان واسين کي پريشانين کان بچايو وڃي. هوڏانهن روڊس کاتي جي چيف انجنيئر طفيل پليجو موقعي تي پهچي پل جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪاري موري ڀرسان نئين تعمير ڪيل پل جي رهيل ڪم کي فوري طور مڪمل ڪري جنگشاهي ٺٽو سان ڪوهستانين واسين جو رابطو بحال ڪيو ويندو.