کورواھ (ن پ ا) سجاول ضلعي جي ڳوٺ مراد پور جو رهواسي جوڙو پسند جي شادي بعد کورواھ پهتو، تحفظ جي اپيل. نوجوان حسين پارهيڙي ۽ ناري نشيران ٻڌايو ته اسان ڪراچيءَ جي عدالت ۾ حق نڪاح ڪيو آھي. اهڙي قدم بعد مائٽ ويري ٿي ويا آھن ۽ مارڻ  جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.