باڊھه (ن پ ا) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊھه تعلقو ٺاهيو ڪاميٽي پاران زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ شهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شھرين جو چوڻ هو ته اسين گذريل ٻن سالن کان مسلسل تعلقي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر افسوس آهي جو حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري، هنن چيو ته باڊھه واسين هميشه پ پ کي ووٽ ڏنو آهي پر پ پ جي چونڊيل نمائندن شهر کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.