ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب شھر ۾ درگاهه ڀرسان رھندڙ پورھيت محمد صديق سولنگي جو معصوم پٽ پراسرار بيماري سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار وس وارن کان مدد جي اپيل . محمد صديق سولنگي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو معصوم پٽ 12 سالن جو محمد حنيف سولنگي پراسرار بيماريءَ سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار آھي پنھنجو اجھو، مال ۽ سمورو الهه تلهه وڪڻي پٽ جي علاج تي خرچ ڪيو پر اڃا تائين منھنجو پٽ صحتياب ٿي ناھي سگھيو. هن وس وارن کي ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته منھنجي پٽ جو علاج ڪرائي منھنجي مالي مدد ڪئي وڃي.