لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنج ون ڊي ميچز ۾ ٽام ليٿم نيوزيلينڊ جي قيادت ڪندو، بين لسٽر ۽ ڪول ميڪ ڪونچي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل آهن ۽ ٻنهي طرفان پاڪستان خلاف سيريز ۾ ون ڊي ڊيبيو جو امڪان آهي. ٽام بلنڊل، چيڊ باويس، ميٽ هينري، ايڊم ملني، ڊيرل مچل، هينري نڪولس، جمي نيشم، رچن روندرا، هينري شيپلي، اش سوڌي، بليئر ٽڪنر ۽ ول دنگ ڪيوي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل آهن. نيوزيلينڊ جي تي ٽوئنٽي ٽيم جو اعلان پهريان ئي ڪيو ويو هو ۽ ڪيويز ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جا رانديگر 10 اپريل تي پاڪستان پهچندا. ثقلين مشتاق سيريز دوران نيوزيلينڊ جو اسسٽنٽ ڪوچ هوندو. نيوزيلينڊ بورڊ جو چوڻ آهي ته ثقلين مشتاق جي مقرري ڪيوي ڪرڪيٽرن کي پاڪستاني ڪنڊيشنز ۾ هم آهنگي ۾ مدد ڏيندي.