لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي ميچز جي شيڊول ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي ڪئي وئي آهي، هاڻي راولپنڊي ۾ هڪ بدران 2 ميچز کيڏيون وينديون. پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز جي ميچز جي شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪئي وئي آهي. راولپنڊي کي هڪ اضافي ميچ جي ميزباني ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ هاڻي نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جون 2 ميچز پنڊي ۾ کيڏيون وينديون. شروعاتي شيڊيول موجب پنڊي اسٽيڊيم ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ون ڊي ميچ کيڏي وڃڻي هئي پر هاڻي شيڊول موجب پنڊي استيڊيم ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي ۽  ون ڊي ميچز ٿينديون. جنهن سلسلي ۾ سيريز لاءِ انتظام مڪمل ٿي چڪا آهن، ٻنهي ٽيمن جي اسڪواڊ جو اعلان پڻ ٿي چڪو آهي، آن لائن توڙي هٿو هٿ ٽڪيٽن جو وڪرو پڻ جاري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز کيڏيون وينديون.