حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته پينشن جي حوالي سان 6 سال کان التويٰ جو شڪار ٿيل سندن ڪيس اڪلايو وڃي ته جيئن بينڪ جي ملازمن کي پوري پينشن جو حق ملي سگهي. بئنڪ جي رٽائرڊ ملازم بدرالدين گهرياڻي، محمد عتيق خان، قاضي بشير، سليمان خان ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو ته ملڪ جي سرڪاري کاتن مان رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي بنيادي پگهار جو 70 سيڪڙو پينشن طور ملندو آهي پر نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي بنيادي پگهار جو 33 سيڪڙو ادائيگي ڪئي وڃي ٿي. اهڙو عمل نيشنل بئنڪ جي ملازمن سان ناانصافي جي برابر آهي جنهن سان سندن مالي استحصال ٿئي ٿو. رٽائرڊ ملازمن ٻڌايو ته سندن ڪيس 2017ع کان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نظرثاني هيٺ آهي. نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جون 3 هزار بيواهه پينشرز ۽ 12 هزار مرد پينشنرز انصاف جا منتظر آهن. رٽائرڊ ملازمن جا 55 ارب رپيا هيڊ آفيس جي اڪائونٽ ۾ پيل آهن. هنن اپيل ڪئي ته سندن ڪيس اڪلائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ته جيئن هو پينشن جو بنيادي حق حاصل ڪري سگهن.