روهڙي (ن پ ا) جاگيراڻي برادريءَ جي سوين ماڻهن جو دبر پوليس خلاف ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي. تفصيل موجب روهڙي ويجهو دبر جي رھواسين مير محمد جاگيراڻي، حاڪم علي، استاد نظير احمد، ۽ شيرل جاگيراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دبر ٿاڻي پهچي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ فصل جي ڀيل تان ساوند ڌر جي ماڻهن سان جھيڙي ۾ مخالفن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن نديم، ساجد علي ۽ نديم جاگيراڻيءَ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، جيڪي هاڻي به اسپتال داخل آهن. جهيڙي جي واقعي کي ٻه ڏينهن گذري ويا پر دبر پوليس مخالفن جي ونگار وهندي زخمين جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.