جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سولنگي برادري پاران عورتن سميت پاڪ ڪتاب کڻي صدر پوليس جي مبينا زيادتين ۽ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ارباب سولنگي، مومل خاتون، عنايتان، بشيران ۽ ٻين چيو ته مختيار سولنگي ڌر سان زمين جو مسئلو هلندڙ هو، عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، صدر پوليس 5 ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان منظور سولنگي کي عدالت ٻاهران بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ايس ايڇ او ٻڌايو ته منظور سولنگي ڌر وارن خلاف مختيار سولنگي 22 لک ڦٻائڻ جو الزام مڙهيو آهي، جنهن جي اين سي داخل آهي، ان ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.