قاضي احمد (ن پ ا) ناليواري رومانوي ۽ مزاحمتي  شاعر  مسڪين ملاح جي ورسي جي تقريب.  سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد پاران سنڌي ٻولي جي ناليواري مزاحمتي، رومانوي ۽ عوامي شاعر مسڪين ملاح جي ورسي جي تقريب مين پرائمري اسڪول قاضي احمد ۾ ٿي گذري.  جنهن جي صدارت سنڌ سنگت جي سينيئر ناليواري شاعر دوست ملوڪاڻي ڪئي. جڏهن ته سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ دودو قاضي، نواز علي، نواز انڙ مهمانن ۾ شامل هئا. آيل مهمانن کي ڀليڪار چوڻ کان پوءِ ممتاز خادم ميمڻ، ايم بي ڏاھري، نواز ملاح، مسڪين ملاح جي شاعري ۽ شخصيت تي پيپر پڙهيا. ان موقعي تي خوبصورت راڳي فقير شمشير علي راهو، اختيار علي مهر ۽ مختيار علي سنڌي مسڪين ملاح جي شاعري ترنم ۾ ڳائي محفل گرمائي ڇڏي. آخر ۾ دوست ملوڪاڻي صدارتي تقرير ڪندي چيو ته مسڪين ملاح هڪ سچو کرو ۽ سخي دل انسان سان گڏ بهترين شاعر پڻ هيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. مسڪين ملاح جي وڇوڙي کان پوءِ سندس نالي تي هڪ اسڪول قائم ڪرايو ويو جيڪو اڄ بهترين تعليمي ادارو آهي. آخر ۾ مسڪين ملاح جي روح جي ثواب لاءِ دعا گهري وئي.