اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت نيب جي قانون ۾ هڪ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو، پيش ڪيل ترميمي بل وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، ترميمي بل کي 1999ع کان لاڳو ڪرڻ، نيب چيئرمين کي ڪا به انڪوائري، انويسٽيگيشن ۽ ڪيس ختم ڪرڻ توڙي گرفتار جوابدارن  کي آزاد ڪرڻ جي نيب عدالتن کي سفارش موڪلڻ جا اختيار ڏيڻ جي به ترميمي بل ۾ تجويز شامل، تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت سپليمينٽري ايجنڊا پيش ڪري نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جو بل 2023ع پيش ڪيو ، بل وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو ، ترميمي بل ذريعي نيب جي 17 سيڪشنن ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، نيب ترميمي بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته هي ترميمي بل 1999ع کان لاڳو تصور ٿيندو،  ترميمي بل ۾ نيب چيئرمين کي  وڏا اختيار ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت نيب ۾ تمام زير التوا انڪوائرين، جن کي نيب جي سب سيڪشن 3 تحت ٽرانسفر ڪرڻ جي ضرورت هجي انهن تي نيب چيئرمين غور ڪندو،  نيب چيئرمين کي انڪوائريون بند ڪرڻ جو اختيار هوندو، نيب چيئرمين انڪوائرين کي ڪنهن به لاڳاپيل ايجنسي، اداري يا اٿارٽي کي به موڪلي سگهندو، نيب چيئرمين اگر مطمئن هجي ته احتساب عدالت ۾ هلندڙ  ڪيس کي ختم ڪرڻ ۽ ان ڪيس ۾ اگر ڪو ملزم گرفتار ٿيل آهي ته ان کي آزاد ڪرڻ جي سفارش لاڳاپيل احتساب عدالت کي موڪلي سگهندو، نيب چيئرمين انڪوائري رپورٽ ملڻ بعد وڌيڪ انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم ڏئي سگهندو، نيب چيئرمين ڪو به ڪيس لاڳاپيل ايجنسي يا اٿارٽي کي واپس موڪلي سگهندو، نيب ايڪٽ ۾ ترميم جي بل 2022ع  ۽ 23ع تحت جيڪي فيصلا ٿي چڪا آهن اهي ائين ئي لاڳو تصور ٿيندا، ڪا به عدالت، فورم يا ايجنسي ڪيس واپس ملڻ تي لاڳاپيل قانونن تحت پراڻن يا نون گواهن جا بيان ۽ ثبوت ٻيهر رڪارڊ ڪرائيندي، نيب سيڪشن 5 تحت زير التوا انڪوائرين، جاچ ۽ وڌيڪ ٽرائل جي ڪارروائي لاڳاپيل ادارن تحت ٿي سگهندي، ترميمي بل ۾ نيب چيئرمين جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي چيئرمين ذميواريون سنڀالنيدو، ڊپٽي چيئرمين نيب به دستياب نه هوندو ته وفاقي حڪومت نيب جي ڪنهن سينيئر آفيسر کي قائم مقام چيئرمين مقرر ڪري سگهندي.